عبدالله بن ارقم رضه

عبدالله بن ارقم رضه: حضرت عبدالله بن ارقمرضه جي پيءُ ارقم جي پڦي حضرت بيبي آمنه رضه پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن جي والده ماجده هئي. حضرت عبدالله رضه مڪي جي فتح واري موقعي تي مسلمان ٿيو. هو هڪ لکيل پڙهيل ۽ قابل شخص هو، ان ڪري پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن مراسلن ۽ ٻيو ڪتابت جو سمورو ڪم هن جي حوالي ڪري ڇڏيو. سڀني اميرن سان ڳجهي خط و ڪتابت به ان جي ذريعي ٿيندي هئي. حضرت صديق رضه'>ابوبڪر صديق رضه ۽ حضرت عمر فاروق رضه جي خلافت جي زماني ۾ به اها خدمت حضرت بن ارقم رضه'>عبدالله بن ارقم رضه سرانجام ڏيندو رهيو. ان کان سواءِ بيت المال جي نگراني به سندس حوالي هئي. حضرت عثمان رضه جي خلافت واري دور ۾ هن استعيفا ڏئي ڇڏي، ان جو سبب هي هو ته پاڻ نظر کان محروم ٿي چڪو هو. سن 35 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين، حضرت عبدالله رضه کان ڪيتريون ئي حديثون روايت ٿيل آهن.


لفظ عبدالله بن ارقم رضهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو